علام شبلي نعماني

علام شبلي نعماني

شبلي نعماني علام

شبلي نعماني، علامه: ننڍي کنڊ جو مشهور تاريخدان، مصنف ۽ شاعر، علامه شبلي نعماني، اعظم ڳڙهه جي هڪ ننڍي علائقي ‘بندول’ ۾ سال 1857ع ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي تعليم اعظم ڳڙهه، جونپور، غازيپور، لاهور، ديوبند ۾ ورتي. 1876ع ۾ حجاز جو سفر ڪيائين، هن وڪالت جو امتحان به پاس ڪيو. جنوري 1883ع ۾ هو علي ڳڙهه ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1898ع ڌاري علي ڳڙهه مان ليڪچراريءَ تان استعيفا ڏئي اعظم ڳڙهه هليو ويو، جتي رهندي اعظم ڳڙهه ۾ ‘دارمصنفين’ (هي شبليءَ جو وڏو ڪارنامو شمار ڪيو وڃي ٿو) جو بنياد رکيو. سندس سڀ کان اهم ڪارنامو ’ندوة العلماءِ‘ جو قيام آهي.
علامه صاحب جون ڪجهه مشهور تصنيفون هي آهن: شعر العجم، الفاروق، سيرت النعمان، المامون، سوانح مولانا روم، اورنگزيب عالمگير پر ايک نظر ۽ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم. سيرت النبي صلي الله عليه وسلم مولانا جو ٻيو وڏو ڪارنامو آهي.
شبليءَ جو ادبي خدمت جي حوالي سان ڪتاب ‘شعر العجم’ هڪ مکيه ڪارنامو آهي، جيڪو پنجن جلدن ۾ ڇپيو. ان ۾ فارسي علم ادب خاص ڪري شعر ۽ شاعريءَ جي تاريخ ڏني وئي آهي. هي ڪتاب سڀ کان اول افغانستان ۾ مختلف عالمن فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو. بعد ۾ هڪ ايراني عالم سيد محمد تقي فخر داعي گيلاني ‘شعر العجم’، فارسيءَ ۾ الٿو ڪري شايع ڪرايو. مولانا جو هڪ وڏو علمي ڪم ‘سيرت النبي صلي الله عليه وسلم’ آهي، جيڪو ستن جلدن ۾ مڪمل ٿيو. ابتدائي ٻه جُلد شبلي پاڻ لکيا، باقي پنج جلد سندس رٿا موجب سيد سليمان ندويءَ مڪمل ڪري ڇپرايا.
هندستان جي هن هاڪاري عالم، 18 نومبر 1914ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.11.18  عيسوي

علامه شبلي نعماني، اعظم ڳڙهه جي هڪ ننڍي علائقي ‘بندول’ ۾ سال 1857ع ۾ پيدا ٿيو.علام شبلي نعماني 18 نومبر 1914ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهلول لوڌي
بلوچ سرور
سيد شبير احمد شاهه
دين محمد بروهي
بابا ذهين شاهه تاجي
پير تراب علي شاهه
ايل وي پرانجپي
قاضي قمرالدين
ديوان ٽهلرام کيمچند
ابو طالب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون